لاهور – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته ج??ئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. هو هتي ايمرجنسي سر??سز اڪيڊمي لاهور ۾ انٽرنيشنل والنٽيئرز ڊي جي موقعي تي ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. فرخ حبيب چيو ته پوليس واقعي جي ٻن مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ان سلسلي ۾ 110 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ناموس رسالت ﷺ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام قانون کي هٿ ۾ نه کڻي ۽ رياست جي رٽ کي تسليم ڪري. هن ماڻهن جي ذهنيت کي بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته واقعي جي حوالي سان ٺوس انڪوائري ڪئي پئي وڃي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين ان جو تعلق آهي موجوده حڪومت عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ڳالهه ٻولهه جو آپشن چونڊيو.
متعلقہ مضامین
-
PM, army chief to witness North Thunder
-
Pakistan fully qualifies to become NSG member, says Fatemi
-
Siraj asks Fazl to join oppositions campaign against corruption
-
Another Ahmadi murdered due to religious hatred
-
British HC reviews health, education initiatives in Mardan
-
Govt, opposition agree to appoint ECP members by July 25
-
Afghan refugees in Kurram asked to leave
-
Public sector universities protest against government interference
-
PMs Youth Programme termed remarkable
-
Fuguihu Entertainment Rasmi Dakhla
-
لکی کاؤ آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا مرکز
-
مٹر پری سرکاری کھیل کی ویب سائٹ کی تفصیلات اور خصوصیات