اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين ڪراچي ۾ سينيئر صحافي اطهر متين جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثر خاندان سان دلي تعزيت ڪئي آهي. اطلاعات وار?? وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلزپارٽي جي ح??ومت ڪراچي ۾ لاء اينڊ آرڊر ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي. اندرون سنڌ ۾ به صحافين تي هر ٻئي ڏينهن حملا ٿ?? رهيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ح??ومت قلم ۽ مائيڪ جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻ?? رهي آهي. ڪراچي کي سيف سٽي بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي. هن چيو ته متاثر خاندان جي ڏک ۾ بر??بر جا شريڪ آهيون. الله تعاليٰ اطهر متين کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena