پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت جي ??اءِ ڪنهن به قرباني کان ڪيٻائڻ نه گهرجي، ملڪ جي بهتري لاءِ اسان کي ذاتي مفادن کي پٺتي رکڻو پوندو، خيبرپختونخواهه صوبي جي ??سئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون ڪنداسين، خيبرپختونخواهه جي عوام دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو، شهيدن جي ??ربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، افغانستان سميت سمورن پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، غيرقانو??ي غيرملڪين کي واپس وڃڻو پوندو. هو پشاور جي دوري جي ??وقعي تي ايوان صنعت ۽ واپار جي ??فد ۽ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. پشاور دوري دوران پشاور چيمبر آف ڪامرس پاران نگران وزيراعظم کي روايتي پڳ پارائي وئي. خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي نگران وزيراعظم جي ??شاور دوري تي آجيان ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اردو اسان جي ??ومي زبان آهي جن??ن جي ڪري سموريون قومون ڳنڍيل آهن، پاڪستان جون سموريون مقامي زبانون اسان جون آهن، پشاور مون کي پنهنجي گهر وانگر لڳندو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ منهنجا ڪيترائي پراڻا دوست آهن، ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ ۾ تعليم دوران هتي جيڪا پنهنجائپ ملي ان جي ڪري هي صوبو منهنجي تمام ويجهو آهي، خيبرپختونخواهه جي ??اڻهن کي وفاق پاڪستان ۾ هڪ منفرد مقام حاصل آهي، انهن ۾ صداقت، جرئت ۽ محنت تمام گهڻي آهي، دهشتگردي جي خلاف بهادري سان هتان جي ??اڻهن مقابلو ڪيو، معاشري جي ??ر طبقي ان جو بهادري سان مقابلو ڪيو، انهن ماڻهن قربانيون ڏئي پاڪستان جي بنياد کي ٻيهر بيهاريو. هن چيو ته صفوت غيور جي ??بر تي حاضري ڏئي اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيو پئي ته اسان ان کي ان جي صلي ۾ رڳو احترام ۽ عزت ڏئي سگهون ٿا باقي ان جي ??ربانين جو ڪو معاوضو نه آهي، صفوت غيور جهڙن 90 هزار پاڪستانين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، شهيدن جي ??ربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، انهن شهيدن جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، انهن رت ڏئي تڪميل پاڪستان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جو خواب وڏو هو ان جي تعبير آسان نه آهي، ان جي ??اءِ هر قسم جي ??رباني ڏيڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا هڪ نسل جي ??رباني ڏئي اسان ايندڙ نسل جي ??ستقبل کي محفوظ ڪري سگهيا آهيون. هن چيو ته هن ملڪ جي ??اءِ ماڻهن پنهنجون جانيون ڏنيون آ??ن جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، اسمگلنگ جو حق گهري رهيا آهن. هن چيو ته مسئلن جو حل ڳالهه ٻولهه سان ڪڍنداسين ۽ رابطن جو اهو سلسلو جاري رهندو، صوبائي نگران حڪومت پنهنجون بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندي جتي ڪوتاهي نظر ايندي نگران وڏو وزير ان جي ??گراني ڪندو، ضم ٿيل ضلعن جي ??سئلن جي حوا??ي سان چين جي دوري کانپوءِ ذميوارن سان ملاقات ڪري انهن مسئلن جو حل ڪڍنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون ڏکڻ وزيرستان سميت ضم ٿيندڙ ضلعن ۾ ڪٿي گهرن کي سڙندي نه ڏٺو. هن چيو ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي هدايت ڪئي ته اهي ان حوا??ي سان حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ ڏين، جتي اهڙا واقعا آهن ته شرپسند عوام جي ??لڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا آهن ته ان جو تدارڪ ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون، اهي معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ رياست پاڪستان جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن، دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي ??اءِ پرعزم آهيون. غيرقانوني افغان پناهگيرن جي ??طن واپسي جي حوا??ي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 17 لک رجسٽرڊ افغان پاڪستان ۾ رهن ٿا، انهن کي واپس نه پيو موڪليو وڃي جڏهن ته غيرقانوني رهندڙن کي پنهنجي ??لڪن ڏانهن واپس وڃڻو پوندو، افغانستان سان سفارتي آداب موجب سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون جتي ويزا ۽ سفري دستاويزن تحت ئي ماڻهو ٻئي ملڪ وڃي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف عدالتي فيصلي تحت ٻاهرئين ملڪ ويو، هو واپس ايندو ته قانون موجب نگران حڪومت عمل ڪندي، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي ??اءِ جنهن تاريخ جو تعين ڪندي ان موجب پنهنجي تياري مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته افغانستان جي ??سئلن ۽ چئلينجز کي اسان به سمجهون ٿا، افغانستان ۾ اربين ڊالر خرچ ٿيا ان جي باوجود دهشتگردن جا گروهه ڪنٽرول نه ٿي سگهيا، غيرقانوني رهندڙ غيرملڪين جي ??طن واپسي ڪنهن انتقامي يا دشمني جي ڪري نه پر ڏوهن، دهشتگردي ۽ سماجي براين سميت ٻين چئلينجز جي ڪري آهي، انهن ۾ هڪ انگ مثبت ۽ تعميراتي ڪمن ۾ به مصروف آهي جڏهن ته ڊيٽا بيس نه هجڻ جي ڪري ان جو ادراڪ نٿو ٿئي، اسان پنهنجي ??فاد ۾ فيصلا ڪنداسين، پنهنجي ??اليسين کي ضرورت موجب تبديل ڪنداسين. فلسطين جي صورتحال جي حوا??ي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سان رابطي ۾ آهيون، ڊالر جي ??يمت ۾ گهٽتائي سان پاڪستان تي ٻاهرئين قرضن ۾ 4 هزار ارب رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، کنڊ، گيهه سميت ٻين ڪيترين ئي کاڌي پيتي جي شين جي ??يمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جن??ن جو ريليف عوام کي ملي رهيو آهي، پيٽرول جي ??يمت ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سمورين پارٽين کي اهو حق حاصل آهي ته اهي چونڊن ۾ پنهنجا اميدوار ڏي، ڪنهن رجسٽرڊ پارٽي کي چونڊ عمل کان ٻاهر نٿو رکي سگهجي.
متعلقہ مضامین
-
Dog House Official Entertainment Website Ka Taaruf
-
ECP clubs petitions against MPs for concealing assets
-
Zarb-e-Azb bringing stability and prosperity to Pakistan, says COAS
-
ورجینیا الیکٹرانکس آفیشل گیم پلیٹ فارم
-
میگاواٹ الیکٹرانکس کریڈٹ بیٹنگ اے پی پی کی جدید خصوصیات
-
جیک پاٹ سلاٹ مشین اور ایماندار تفریحی پلیٹ فارم
-
ساؤتھ آسٹریلیا آن لائن انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ پلیٹ فارم کی خصوصیات
-
اولمپس انٹرٹینمنٹ گیٹس ٹرسٹڈ لنک کی خدمات اور کامیابیاں
-
کھیل ہی کھیل میں چکن: ایک قابل بھروسہ تفریحی پلیٹ فارم
-
یورپی بلیک جیک انٹرٹینمنٹ کا قابل اعتماد گیٹ وے: تفریح اور محفوظ کھیل کا بہترین پلیٹ فارم
-
ہائی اور لو کارڈ ریپوٹیشن بیٹنگ ویب سائٹ کی اہمیت اور تفصیل
-
بلیک جیک آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کے ساتھ دلچسپ تجربہ